ڏاج ۾ ڪار نه پر ريل: مزاحيا وڊيو وائرل

0
857

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڏاج ۾ موٽر سائيڪل يا ڪار نه پر ريل ملڻ لڳي، مزاحيا وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهري سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي. وڊيو ۾ شهري سان هڪ دوست سوال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ دوست سوال ڪري ٿو ته ٻڌو آهي اوهان کي ڏاج ۾ ريل ملي رهي هئي؟ جنهن جي جواب ۾ شهري چيو ته ها اوهان ٺيڪ ٻڌو آهي ريل ملي رهي هئي پر هلائڻ نه پئي اچي ۽ نه ئي پارڪنگ هئي جنهن سبب مون انڪار ڪري ڇڏيو،ننڍي گاڏي هجي ها ته قبول ڪريان ها، دوست وري کائنس سوال ڪيو ته ريل سان گڏ انجڻ به هئي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته ها ريل سان گڏ سڀ ڪجهه مليو پئي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن. هڪ صارف چيو ته همراهه چريو آهي، سندس ذهني توازن ٺيڪ نٿو لڳي انڪري اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري.