شهباز شريف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال واري تجويز رد ڪري ڇڏي

0
341
شھباز شريف ناراض

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال واري تجويز رد ڪري ڇڏي، پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽگ جو نظام سڄي دنيا ۾ رد ڪئي، اليڪشن ڪميشن به هن کي ناقابل عمل قرار ڏئي چڪو آهي، چونڊ اصلاحات جو حساس ڪم پوري قوم جي خواهش ۽ اعتماد سان ٿيندو آهي، چونڊ اصلاحات سڀني ڌرين جي مشاورت، عوام جي راءِ جي روشني ۽ اتفاق راءِ سان ممڪن ٿيندو آهي، هن چيو آهي ته ن ليگ 2018 ۾ پي ٽي آءِ سوڌو سمورن سياسي جماعتن جي مشاورت سان چونڊ اصلاحات ڪئي هئي، اسان جي دور ۾ ٿيل چونڊ اصلاحات تي ڪنهن کي به اعتراض نه هو، سڀني جو اتفاق راءِ ۽ صحيحون ٿيل چونڊ اصلاحات جي هو تاريخي دستاويز اڄ به موجود آهي، شهباز شريف چيو آهي ته جنهن وقت اپوزيشن مثبت چونڊ تجويزون ۽ ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪري رهئي هئي ته اين آر او جو شور ڪري ان جي توهين ڪئي وئي، هن چيو آهي ته ملڪ جي ساک انصاف، شفافيت ۽ قانون جي حڪمراني کان بهتر ٿئي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن سان نه، اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي بجاءِ تباهه معيشت، مهانگائي، بي روزگاري سان مرندي عوام جو فڪر ڪيو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان چونڊ اصلاحات ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال جي حوالي سان اپوزيشن کي حڪومت سان گڏ ويهي مامرا حل ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي هئي.