ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو شھر جي  شاھي بازار وٽ دعا ميڊيڪل سينٽر جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي الٽرا سائونڊ مشين،يو پي ايس، بيٽري سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا،  جنهن بعد صبح سوير سينٽر مالڪ احمد نھڙي، تاجر اتحاد اڳواڻ احسن ھاليپوٽو،ڪائونسلر خان محمد چوپاڻ،  ايوب چوپاڻ،   يعقوب، عبداللطيف ڪوري  ۽ ٻين   ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او سان ملاقات ڪري ڳالھيون ڪيون ۽ ايس ايچ او کي 3 ڏينهن جي مھلت ڏيندي مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر چور گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس نه ڪرايو ويو ته   شھر ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.