شاهپورچاڪر(ن پ ا) شاهپورچاڪر ويجهو ڳوٺ ڪرم الله ڏاهري جي کڏ تي قبضي ۽ سرڪاري روڊ جي مٽي پٽڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن  امان الله ڏاهري، ڪامريڊ علي نواز ڏاهري، استاد محمد رمضان ڏاهري، يار محمد ڏاهري، عبدالرزاق ڏاهري، عزيز ڏاهري، فقير محمد ڏاهري، محمد وارث ڏاهري، استاد علي شير ڏاهري، نواب ڏاهري ۽ا ٻين جي اڳواڻي ۾  کڏ واري هنڌ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته  علائقي جو بااثر زميندار ڳوٺ ۾ انگريز دور کان قائم سرڪاري کڏ تي قبضو ڪيو آهي،   طاقت جي زور تي کڏ ۾ مٽي وجهي لٽي رهيو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي آهي، اسان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرايو وڃي.