سيتاروڊ (ن پ ا) ٽرين سروس بند هجڻ تي سيتاروڊ جا شھري رستن تي اچي ويا۔ تازو برسات سبب مختلف هنڌن تان ٽريڪ ٻڏڻ سبب روهڙي کان ڪوٽڙي ٽرين سروس بند ڪئي وئي۔ جيڪا هن وقت تائين بحال نه ٿيڻ تي سيتا سرجهڻهار فورم جي مشھور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ رفيق احمد عباسي محمد رمضان چانڊيو ۽ ٻين  احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ مظاهرين شھر جي ريلوي اسٽيشن پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ جن ميڊيا آڏو دانهيو ته ڪيتري وقت کان ٽرين سروس بند هجڻ تي هتان جا ماڻھون سخت مشڪلات جو شڪار آھن۔ ٽرين سروس بحال ڪري عوام کي سفري سهولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ واضح رهي ته هڪ ٽرين خوشحال خان خٽڪ هن ٽريڪ تان ڪرونا وگهي پهرين ئي بند هئي۔ بعد ۾ بولان ميل ۽ موئن جو دڙو ايڪسپريس تازو برساتن سبب مختلف هنڌن تان ٽريڪ متاثر ٿيڻ ڪري بند ڪيون ويون آھن۔ جيڪي هن وقت تائين بحال ناهن ٿيون۔