ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ، تيل، گيس سميت  روزاني استعمال جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف کاٻي ڌر جي پارٽين جي اتحاد پاپولر ليفٽ الائنس طرفان هتي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ امداد قاضي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي صدر عاطف ملاح، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اياز چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  حڪمرانن ملڪي معيشت آءِ ايم ايف وٽ يرغمال بڻائي ڇڏي آھي، مھانگائي ۾ واڌ سبب پورھيتن جي گھرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي.