واشنگٽن (دلچسپ نيوز) دنيا جي سڀني کان ڊگها ننهن رکي عالمي رڪارڊ رکندڙ آمريڪي ناري اوچتو پنهنجا ننهن ڪٽي ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي ناري ايانا وليمز 30 سالن کان رکيل ننهن ڪٽي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته ننهن مونکي نه ٺاهيو هو پر انهن کي مون ئي پاليو هو. ايانا وليمز موجب 30 سالن تائين انهن تي محنت ڪرڻ سبب عالمي رڪارڊ جوڙيو پر انهن کي ايتري عرصي کان سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو هو هن چيو ته ننهن رهن يا نه رهن پرهميشه انهن جي حوالي سان راڻي رهنديس.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايانا وليمزجا ننهن فلوريڊا جي هڪ عجائب گهر ۾ رکيا ويندا.