ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان وچ بازار ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خير محمد، محمد اسماعيل،آصف علي، محمد رفيق، قمرالدين، دين محمد، نظام الدين، ذوالفقار علي، خير محمد ۽ مير محمد شامل آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.