مٺي (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو مختيارڪار ڪلوئي سجاد احمد انصاريءَ پاران روينيو ڪاروهنوار اڪلائڻ ۾ غير سنجيدگيءَ جو نوٽيس وٺندي ڪارڪردگي سڌارڻ ۽ آفيس ۾ پنهنجي حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو مختيار ڪار ڪلوئيءَ کان ان ڏس ۾ وضاحت پڻ طلب ڪري ورتي آهي.