لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ناليواري راڳي شاهد ٻٻر نينگر سان مبينا بدفعلي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿيو، جنهن ۾ هڪ همراهه کي نينگر سان بدفعلي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن وڊيو سان منهنجو ڪوبه تعلق ناهي، بيگناهه سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ڪري منهنجي ڪردار ڪشي ڪري ساک نقصان پهچايو پيو وڃي، هن چيو ته آءُ فن جي شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو آهيان ۽ مون کي پنهنجا ٻچا آهن، هن چيو ته وڊيو منهنجي ناهي، آءُ هڪ فنڪار آهيان، وڊيو وائرل ڪرڻ سان لڳي ٿو ته منهنجا پنهنجا مخالف دوست آهن، جيڪي منهنجي خلاف سازش ڪري رهيا آهن، جن کي مون سائيڊ ڪيو هاڻي هو سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وڊيو جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.