حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سٽيزن ڪالوني واري علائقي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل چمڙي جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي سندس فريادي ڀاءُ اشوڪ ڪمار ٻڌايو ته سول اسپتال حيدرآباد مان ڀاءُ ڊاڪٽر ڌرم ديو جو لاش وصول ڪري انهن سندس نئين پل  واري علائقي ۾ آخري رسمون ادا ڪيون. هن چيو ته آخري رسمن جي ادائيگي دوران سندس دوستن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته 7 مارچ تي ڊاڪٽر ڌرم ديو جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش مليو هو. پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ۽ سندس خاندان آمريڪا ۾ هئڻ سبب لاش امانت طور سرد خاني ۾ رکرايو ويو هو. هڪ ڏينهن اڳ مقتول ڊاڪٽر جي زال، پٽ ۽ 3 نياڻيون آمريڪا مان ڏيهه پهتيون هيون جن ڊاڪٽر ڌرم ديو جو آخري ديدار ڪيو جنهن بعد سندس وارث لاش نئين پل واري علائقي ۾ کڻائي پهتا جتي سندس آخري رسمن جي ادائيگي ڪئي وئي. هوڏانهن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو واري قتل ڪيس ۾ سندن مختلف رخن کان جاچ هلندڙ آهي پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڊاڪٽر ڌرم ديو کي ڇو قتل ڪيو ويو؟   رابطو ڪرڻ تي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ڊي ايس پي واحد علي شاهه ٻڌايو ته جوابدارن کان جاچ دوران کين ڪجهه نيون شيون سامهون اچي رهيون آهن، ان آڌار تي سندن جاچ جاري آهي.