اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو مان ڏھ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل سکر واسي پورهيت نوجوان کي بازياب نه ڪرائي سگھي، ڌاڙيلن پاران 30 لک رپيا ڀنگ طلب، وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي مغويءَ جي بازيابيءَ جي اپيل ڪئي وئي. خبر موجب سکر قريشي محلي جي رھواسي نوجوان فياض احمد ميراڻي کي ڏھ ڏينھن گذرڻ باوجود سکر پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي. ڏوھارين مغويءَ جي وارثن سان رابطو ڪري بازيابي عيوض 30 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي نوجوان فياض احمد ميراڻي جي وارثن اربيلو ميراڻي، مسمات گل ناز، غلام فريد ۽ ٻين گذريل ڏينهن اوٻاوڙو ۾ پاڪ ڪتاب کڻي مغويءَ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو. وارثن جو چوڻ هو ته سندن نوجوان ھوٽل تي مزدوري ڪري گھر جو گذر سفر ڪندو ھو. ڌاڙيل 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن. مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون. پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي. هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مغوي پورهيت کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني دور ڪئي وڃي.