ڊاڪٽر سارا ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار بسما جي ضمانت منظور: آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
192

ڊاڪٽر سارا ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار بسما جي ضمانت منظور: آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي جي عدالت ڊاڪٽر سارا ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار بسما جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران بسما جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بسما وٽان پوليس کي ڪجهه به نه مليو آهي، قتل ڪيس سان هن جو ڪو به تعلق نه آهي

وڪيل دليل ڏنا ته مقتوله ڊاڪٽر سارا پاڻ اسپتال ۾ موبائيل فون ڦٽي ڪئي هئي، جوابدار وقاص ان مان سم ڪڍي ڇڏي هئي، ڪيس ۾ بسما جو ڪردار به شاهد اراڌنا جهڙو آهي

وڪيل دليل ڏنا ته اراڌنا کي ته شاهد بڻايو ويو پر بسما کي جوابدار بڻائي پيش ڪيو ويو

 پوليس جو موقف آهي ته واقعي واري ڏينهن جوابدارن بسما ۽ شان سليم مقتوله جي فون جوابدار وقاص کي ڏني هئي

ڊاڪٽر  بسما جي قتل ڪيس ۾ ڊاڪٽر شان سليم، وقاص ۽ بسما گرفتار ٿيل آهن

 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت بسما کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

مون سان شادي ڇو نه ڪئي؟ نوجوان محبوبه کي تحفي ۾ بم موڪلي ڇڏيو، گهوٽ مارجي ويو