مون سان شادي ڇو نه ڪئي؟ نوجوان محبوبه کي تحفي ۾ بم موڪلي ڇڏيو، گهوٽ مارجي ويو

0
672
پشاور پبلڪ اسڪول ڀرسان ڌماڪو
پشاور پبلڪ اسڪول ڀرسان ڌماڪو

ڀارت ۾ هڪ عاشق کي پينهنجي محبوبه جي شادي برداشت نه ٿي ۽ ان بدلو وٺڻ جي لاءِ ڇوڪريءَ کي شادي جي موقعي تي هوم ٿيٽر ۾ بم موڪلي ڏنو جيڪو ڦاٽڻ سبب گهوٽ مارجي ويو

ڀارتي ميڊيا موجب هي واقعو رياست چهتيس ڳڙهه جي ضلعي ڪبير دهام ۾ پيش آيو، جتي پوليس جي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سرجو نالي نوجوان پنهنجي محبوبه کي شادي جي موقعي تي هوم ٿيٽر ميوزڪ سسٽم جو تحفو ڏنو جنهن ۾ هن بم لڪائي رکيو هو

پوليس موجب جيئن ئي گهوٽ جي طرفان ميوزڪ سسٽم کي هلائڻ جي لاءِ بجلي سان لڳايو ته زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته گهوٽ جو ڀاءُ به زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي علاج دوران فوت ٿي ويو

پوليس موجب ڌماڪي سبب گهر جون ڀتيون ۽ ڇت ڪري پئي، واقعي بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي

هي به پڙهندا

ڇا امباني فيملي مهمانن کي کائڻ دوران ٽشوز بدران نوٽ ڏنا؟