ڪراچي ۾ جوابدار جو سس ۽ سالين تي مبينا تشدد: گهر تي قبضو ڪري ورتو

0
242

ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي واسڻ عورت الزام هنيو آهي ته سندس ناٺي ساٿين جي مدد سان مونکي ۽ منهنجي ڌيئرن تي تشدد ڪري اسان جي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي

متاثر عورت بخت چيو ته رات دير سان منهنجو ناٺي ساٿي جوابدارن سان گڏ ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿيو، ذيشان مون کي ۽ منهنجن ننڍن ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، جوابدار منهنجي گهر جا ڪاغذ به کڻي ويا ۽ گهران ڪڍي ڇڏيو

ناٺي منهنجي ڌيءَ عروشه تي به تشدد ڪندو رهيو آهي، زخمي حالت ۾ سڄي رات منگهو پير ٿاڻي تي ويٺل رهيس، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران چوي ٿي ته گهريلو جهيڙو آهي پاڻ وڃي نبيريو

 پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ذيشان کي گهرايو اٿئون پر هو ٿاڻي تي نه ٿو اچي