ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ويجھو ڳوٺ ملا ڪيريو جي سوين رهواسين موٽر سائيڪل چوري جي ڪيس ۾ نوجوان کي گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ڊاسوڙي ٿاڻي جو گھيراء ڪري حملو ڪري ڏنو، پوليس موبائيل سميت ٿاڻي اندر ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي. ان دوران پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ ناڪام ٿي وئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي پوليس کي ڊاسوڙي ٿاڻي پھچڻ جو حڪم جاري ڪيو ويوس، جڏهن تہ رات دير تائين علائقي ۾ صورتحال خراب ٿي وئي هئي، ٻئي پاسي ڪيريا برادري جي نوجوان محمد جمن ڪيريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پوليس اسان جي ماڻهن کي بي گناھ تنگ ڪندي رھندي آهي ۽ بي گناھ گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي مارڪٽ ڪري تذليل ڪري ٿي. اسان جي 4 نوجوانن مٿان سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو آهي، ھن چيو تہ اسان جي ڪنهن بہ ماڻهو مٿان ڪوبہ ڪيس يا ايف آءِ آر داخل ناهي انھيءَ باوجود پوليس روز تنگ ڪري ٿي ۽ رشوت گھري ٿي. ايس ايڇ او ڊاسوڙي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ مخبر جي اطلاع تي اسان ڳوٺ ملا ڪيريو ۾ ڪارروائي ڪندي ھڪ موٽر سائيڪل چور کي گرفتار ڪيو جنهن تي ڳوٺ جي ماڻهن مزاحمت ڪندي موٽر سائيڪل چور کي ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ ٿاڻي تي حملو ڪري ٿاڻي اندر ڀڄ ڊاھ ڪري پوليس موبائل جا به شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن تہ صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ حملہ اور ماڻهن مٿان قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي قانون کي ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، آخري اطلاع تائين علائقي ۾ سخت خوف حراس ۽ ڇڪتاڻ جي لھر ڇانيل هئي.