مانجھند :فوتي پورهيتن جا مڙهه نيئڻ لاءِ انتظاميا ايمبولينس نه ڏني. ان ڏس ۾ سنڌ لاکڙا ڪول ڪمپني جي انتظاميا کاڻ ۾ دٻجي فوت ٿيل پورھيتن جا لاش شانگلا نيئڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏني. ايمبولينس نه ملڻ جي ڪري وارث پنھنجن پيارن جا لاش بس جي ڇت تي رکي اباڻي علائقي وھاب خيل نخترنائو تعلقو الپوري ضلعو شانگلا کڻائي ويا.