دادو ( رپورٽر ) لائيو اسٽاڪ کاتي جو ملازم محمد صديق خشڪ پراسرار طور گم ٿي ويو آهي ، سندس ڀاء اعجاز خشڪ بي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي ته سندس ڀاء محمد صديق خشڪ اربع ڏينهن گهران وار ٺهرائڻ لاء نڪتو ته وري واپس گهر ناهي مٽن مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولا ڪرڻ باوجود ٻه ڏينهن گذرڻ کانپوء به سندس ڏس پتو ناهي پيو ، سندس موبائيل سيٽ به گهر ۾ آهي ، اعجاز خشڪ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سندس ڀاء لائيو اسٽاڪ ملازم کي اغوا ڪيو ويو آهي ، بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي لائيو اسٽاڪ جي ملازم صديق خشڪ جي ڀاء گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ، ساڳئي وقت محمد صديق خلاف سندس کاتي جي آفيسرن سرڪاري دوائون چوري ڪرڻ جو پڻ ڪيس داخل ڪرايو هو ، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي