ڇور (ن پ ا) ڇور ڪي ڳوٺ انڙآباد ۾ ٽيپ بال سپر سڪس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ينگ ڪلب سھراڻي کٽي ورتو. ان ڏس ۾ فائنل ۾ بوم بوم ڪلب انڙآباد ۽ ينگ ڪلب سھراڻي ماڇي جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، انڙآباد پهريان کيڏندي ٻن اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 42 رنز ٺاهيون، جنهن ۾ دلاور انڙ 35 رنز جي اننگز کيڏي. جواب ۾ ينگ ڪلب سھراڻي ماڇي آخري اوور جي ڇوٿين بال تي ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو. ڄام دلاور انڙ، لالچند، عنايت انڙ، محمد خان انڙ ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان گل محمد ماڇي کي ونر ٽرافي ۽ يوسف انڙ کي رنر ٽرافي ڏني، گل محمد ماڇي کي مين آف دي ميچ ۽ دلاور انڙ کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.