ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪهڙن ڪمن ۾ لڳي ويا آهن؟، ٽيسٽ ڪرڪيٽر اظهر علي، اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي موجوده ڪپتان بابر اعظم جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن. تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اظهر علي شيف بڻجي گهر ۾ کاڌو تيار ڪري رهيو آهي، کاڌو تيار ٿيڻ بعد هُن تصوير ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي آهي. سرفراز احمد به گهر واري سان گڏ گهر جي ڪمين ڪارين ۾ هٿ ونڊرائي رهيو آهي، جڏهن ته موجوده ڪپتان بابر اعظم گهر ڀاتين سان وقت گذارڻ دوران مختلف تجربا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن  تي مختلف تبصرا سامهون آيا، جن ۾ هڪ شخص ٽوئٽ ڪيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽـر اڄ ڪلهه ڪهڙن ۾ ڪمن ۾ لڳي ويا آهن.