ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ماڊل اريج فاطمه کي امريڪا ۾ پنهنجو ملڪ خوب داد اچي رهيو آهي. اريج فاطمه انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ سان گڏ نظر اچي رهي آهي،جڏهن ته وڊيو جي بيگ گرائونڊ ۾ بالي ووڊ جو مشهور گانو هو پهريون ڀيرو ٻڌي سگهجي ٿو. اداڪاره انسٽاگرام اسٽوري تي اها وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جي تمام گهڻي ياد اچي رهي آهي.