پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ جي ڳوٺ ڳاڙھي ۾ جوت سماجي تنظيم جي ميزباني ھيٺ ڪوڏي ڪوڏي راند جو مقابلو ٿيو،   جنھن ۾ ڳوٺ ڳھڻو ڪلھوڙو، ڳوٺ ابڙي ۽ ڳاڙھي موريءَ جي 3 ٽيمن  وچ ۾ دنگل ٿيو. ڳاڙھي موريءَ جي رانديگرن جي ٽيم مقابلو کٽي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم جي رانديگرن منان گانگهرو، ھدايت الله ڀيو، عارف عباسي، اقبال مڱڻھار سميت ٻين رانديگرن کي تماشائين ڪلھن تي کڻي خوشيءَ ۾ رقص ڪرايو. ان موقعي تي رانديگرن پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند سنڌ جي ثقافت جو حصو آھي، سنڌ ۾ ھي راند تمام گھڻي پسند ڪئي وڃي ٿي پر حڪومتي سطح تي سرپرستي نه ٿيڻ سبب  مايوس آھيون. جيڪڏھن سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ضلعي يا سنڌ سطح تي مقابلا ڪرايا وڃن ته رانديگرن جي همت افزائي ٿيندي. ان موقعي تي آرگنائيزر حسن مھر، گلشير  مھر  ۽ جنيد انصاريءَ جو چوڻ ھو ته مقامي سطح تي پنھنجي خرچ تي ثقافتي  رانديون ڪرائيندا رھندا آھيون ته جيئن نوجوان نسل ٻين برائين کان بچي سگھي. مقابلي بعد ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم  جي ڪپتان منان گانگهري  کي 30  ھزار رپيا روڪ  انعام طور ڏنا ويا.