ڪراچي(اسپورٽس نيوز) راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام کي گلوڪار شهزاد رائي ۽ بالي ووڊ اداڪار انوپم  کير سان سکڻ گهرجي ته هر وقت وڙهڻ ضروري ناهي هوندو.  شعيب اختر انوپم کير بابت پنهنجي ٽوئٽ تي غلطي تسليم ڪندي معذرت ڪئي. شعيب اختر بالي ووڊ اداڪار جي ٽوئٽ تي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته اسان کي سبق ملي ٿو ته هر ڀيري معاملن کي بدصورت نه بڻائڻ گهرجي، معاملا پرسڪون ذريعي به حل ڪري سگهجن ٿا. اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته شهزاد رائي انوپم کير کي سمجهايو ۽ اُن سمجهي ورتو، جنهن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.