ڇا “شيرازين” پ پ کان ھڪ وڏو مطالبو ڪيو آھي..!؟

0
202
ڇا “شيرازين” پ پ کان ھڪ وڏو مطالبو ڪيو آھي..!؟

ٿورڙا ئي ڏينھن ٿيا آھن جو ايم اين اي اياز شاھه شيرازي پاران سجاول ضلعي جي مختلف شھرن ۾ وڏن ميڙاڪن کي خطاب ڪيو ويو، اھي ميڙاڪا جيڪي سندس مان ۾ منعقد ڪيا ويا ھئا. پيپلز پارٽي سجاول ضلعي جي صدر محمد علي ملڪاڻي جي ڳوٺ ويجھو جاتي شھر ۾ ھڪ وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ايم اين  اي اياز شاھه ڪجھه انوکيون ڳالھيون پڻ ڪيون ھيون، جنھن بعد ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر واري شھر سجاول جي مصروف چوڪ پبلڪ پارڪ تي کيس شھرين پاران جڏھن تاج پارايو ويو تڏھن اتي پڻ ھن خطاب ڪندي ڏاڍيون دلچسپ ڳالھيون ڪيون ھيون. ضلعي جي مختلف ھنڌن تي ھڪٻئي پٺيان ڪوٺايل اھڙن ميڙاڪن ۾، جن کي ھڪ طرح سان سياسي جلسا پڻ چئي سگھجي ٿو، جڏھن ايم اين اي پاران تقريرن ۾ ڪجھه سياسي مخالفن جو اڻ سڌي طرح ذڪر ڪيو ويو تڏھن محسوس ٿيو ته ضلعي ۾ سمورا مک سياسي گھراڻا ھن وقت پيپلز پارٽي ۾ ھوندي به اندروني طور ھڪٻئي سان بنھه نه ٿا ٺھن. اھڙن اندروني اختلافن جي پڌري پڪ تڏھن پڻ ٿي جڏھن اياز شاھه شيرازي جي تقريرن جي رد عمل ۾ ايم پي اي ھير سوھو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا جي ويجھن ماڻھن پاران ڪجھه ڳالھين تي اعتراض اٿاريا ويا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۽ ٻين فورمن تي اٿاريل اعتراضن ۾ اھو تاثر ڏنو ويو ته اياز شاھه شيرازي پاران تقريرن ۾ ھير سوھو ۽ ريحانا لغاري کي نشانو بڻايو ويو آھي، اھڙي ريت شيرازين، ھير سوھو ۽ ريحانا لغاري جي حامين ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي.

            ھونئن ته ضلعي جا سڀئي ماڻھو ڄاڻن ٿا ته ھڪ ئي پيپلز پارٽي ۾ شامل ھجڻ باوجود شيرازي، ملڪاڻي، لغاري ۽ سوھا الڳ ڌڙن ۾ ورھايل آھن، پر اياز شاھه شيرازي جي مان ۾ ٿيل لڳاتار ڪجهھ آجياڻن کي سياسي مبصر توڙي عام ووٽر ھڪ خاص سياسي پسمنظر ۾ ڏسي رھيا آھن. پ پ جي اھم ڪارڪنن کان ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته ھير سوھو ۽ ريحانا لغاري پاران پ پ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت آڏو شڪايتون ڪيون ويون آھن ته ايم اين اي اياز شاھه شيرازي تقريرن دوران کين ذاتي طور نشانو بنايو آھي، پر قيادت اھڙين شڪايتن جو ازالو ڪھڙو ڪندي؟ ان جو اندازو ھر ڪنھن کي اڳواٽ ئي آھي ڇو ته ھي پھريون ڀيرو ناھي جو پ پ جي اڳواڻن پاران قيادت آڏو شيرازين خلاف شڪايتون ڪيون ويون ھجن. ھي سلسلو تڏھن کان ھلندڙ آھي جڏھن کان سال 2018ع واري عام چونڊن ۾ پ پ پاران شيرازين کي شامل ڪري کين چونڊ ٽڪيٽون ڏنيون ويون ھيون ۽ ھر ڀيري ايئن محسوس ٿيو ڄڻ پ پ قيادت شيرازين کي ٻين اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترجيح ڏئي رھي ھئي ۽ بنا ڪنھن لڪ ڇپ جي اھو پڻ چيو ويندو آھي ته سجاول ضلعي ۾ پيپلز پارٽي واضح طور شيرازي گروپ ۽ شيرازي مخالف گروپن ۾ ورھايل آھي.

         جيتوڻيڪ ان ڳالھه جي تصديق ته ڪنھن به اڳواڻ نه ڪئي آھي پر پ پ جي اندروني ذريعن جو چوڻ آھي ته ھن ڀيري شيرازين پاران پ پ قيادت کان ھڪ وڏو مطالبو ڪيو ويو آھي، جنھن جي رد عمل ۾ سجاول ضلعي جي سياسي منظر نامي ۾ وڏيون تبديليون اچڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آھن. پ پ جي ويجھن ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته شيرازين پاران قيادت کان مطالبو ڪيو ويو آھي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ “مخصوص سيٽون” ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو کي نه ڏنيون وڃن، باقي جنھن کي وڻي ان کي ڏنيون وڃن، ڪنھن ٻئي اميدوار تي شيرازين کي اعتراض نه ھوندو. چيو پيو وڃي ته شيرازين پاران قيادت آڏو موقف رکيو ويو آھي ته ھير سوھو ۽ ريحانا لغاري چونڊ کٽڻ جي پوزيشن ۾ ناھن ۽ ھو بنا جواز شيرازين جي مخالفت ڪري رھيون آھن کين مخصوص سيٽون نه ڏنيون وڃن ۽ جيڪڏھن ھو مقابلو ڪرڻ چاھين ٿيون ته شيرازي اميدوار سندن مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھن. پر جيڪڏھن ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو کي مائنس ڪري ڪنھن ٻئي اڳواڻ کي مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون ته شيرازين کي اعتراض نه ھوندو.!

        شيرازين پاران مبينا طور قيادت آڏو رکيل اھڙو مطالبو يقينن سجاول ضلعي جي سياست لاءِ ھڪ اھم موڙ آھي، جيڪڏھن پ پ قيادت شيرازين جو مطالبو مڃيندي ايندڙ چونڊن ۾ ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون ۽ کين مائنس ڪري ڇڏيو ته اھو عمل سجاول جي سياسي منظر نامي ۾ ھڪ وڏي تبديلي ھوندو. پر جيڪڏھن پ پ قيادت پاران ريحانا ۽ ھير کي سيٽون ڏيڻ تي شيرازين کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ يقينن شيرازي ڌر ان مطالبي تان ھٿ کڻڻ لاءِ قيادت کان ڪجهھ ٻيا اھم مطالبا مڃرائي سگھي ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ ضلعي اندر شيرازين جي سياسي طاقت وڌيڪ مضبوط ٿي سگھي ٿي. جڏھن ته ڪجھه ذريعن جو اھو پڻ چوڻ آھي ته شيرازين جو اھڙو مطالبو نه مڃڻ جي صورت ۾ شيرازي ڌر، پيپلز پارٽي کان ڌار ٿي ايندڙ چونڊن ۾ پ پ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لھي سگھي ٿي..!!