ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ سڍارو ڀرسان امين جي ڍاڻيءَ ۾ 22 ورهين جي شادي شده ناري گهرو اڻبڻت تان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ سڍارو ڀرسان امين جي ڍاڻيءَ ۾ 22 ورهين جي نوجوان شادي شده ناري امتي زال جبار نهڙي گهرو اڻبڻت تان مبينا طور کوھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران حد جي پوليس مبارڪ رند ٿاڻي کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس ناريءَ جو لاش ڳوٺاڻن جي مدد سان کوھ مان ڪڍرائي اسپتال پهچايو. وارثن پوليس کي ٻڌايو ته عورت جو دماغي توازن درست نه هو، جنهن جي ڪري هن کوھ ۾ ٽپو ڏنو آهي. ناري جو لاش پوسٽ مارٽم جي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مبارڪ رند پوليس جو چوڻ هو ته ابتدائي جاچ ۾ واقعي ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. پوليس پاران رپورٽ درج ڪرڻ بعد مبينا طور آپگهات ڪندڙ ناري جو لاش وارثن ڳوٺ کڻائي ويا.