نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ۽ ڀرپاسي مختلف بلڊرن پاران قبضو ڪيل زمين تي ڪارروائي ڪئي وئي. ڊي سي ڄامشورو روينيواينٽي اينڪروچمنٽ ڄامشورو ۽ مختيارڪارٿاڻو بولاخان پاران موٽروي روڊ ڀرسان مختلف ديھن ٻٻر بند ۔ ھٿل ٻوٿ۔ ڪلوکوھر جي سوين ايڪڙزمين جيڪا مختلف بلڊرن پاران سرڪاري زمين تي مختلف بلڊرن پاران ڪيل غير قانوني قبضن کي قبضاگيرن کان آجو ڪري ڄامشوري روينيو انتظاميا ۽ انڪروچمينٽ پوليس جي مدد سان گڏجي ٿيل غير قانوني قبضا ۽ اڏاوتون ڊاھي پٽ ڪرائي غير قانوني قبضوخالي ڪرايو ويو ھوڏانھن ڪوھستان جي زمينن تي بدستور والار جاري آهي. اڪثرسوسائٽين تي اڃا تائين تعميراتي ڪم جاري آھي بلڊر مافيا پاران قديمي جبلن کي مسمار ڪري اتي ميداني علائقا بنايا پيا وڃن جن خلاف اڃا تائين روينيو عملو پاران ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي.