گھارو (ن پ ا) گهارو ڀرسان واٽر بورڊ جي کليل نالي ۾ وهنجڻ دوران ڪراچي واسي 17 ورھين جو نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو، نوجوان جي سڃاڻپ حسن خان پٺاڻ طور ٿي آهي. واقعي جي ڪجهه دير بعد لاش واھ مان ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر گهاري پهچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي ڪراچي روانا ٿي ويا.