مٽياري جي رورل واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ گهوٻين جو انڪشاف

0
202

مٽياري (ن پ ا) مٽياري جي رورل واٽر سپلاءِ اسڪيم الهڏنو ساند ۾ جعلي بل تيار ڪري ٺيڪيدارن کي 1.700 ملين رپيا جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سپرنٽينڊنگ اننجنيئر سرڪل حيدرآباد شفيق حسين ميمڻ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته، شڪايتون ملڻ تي 26 مئي تي ڄاڻايل اسڪيم جو دورو ڪيو ويو، ان موقعي تي مهيا ڪيل رڪارڊ موجب ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ تي پتو پيو ته اسڪيم جي ٺيڪيدار کي 1.700 ملين رپيا سولر بيسڊ انرجي سسٽم جي مد ۾ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته سر زمين تي ڪا به شيءِ موجود نه هئي. سب ورڪ جو ٽوٽل بل 2.624 ملين رپيا هو پر فنڊ نه هجڻ ڪري ٺيڪيدار کي 1.700 ملين رپيا ادا ڪيا ويا، ۽ باقي رقم روڪي وئي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڄاڻايل ڪم لاءِ ڪيل ادائيگي جعلي آهي، رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته سولر انرجي سسٽم تي ڄاڻايل اسڪيم هلندڙ مالي سال ۾ مڪمل ٿيڻي هئي، پر هيل تائين سر زمين تي سولر پاور انرجي سسٽم موجود يا لڳايل نه آهي، جنهن جي ڪري اسڪيم غير فعال آهي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ملوث آفيسرن خلاف تڪڙي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، رپورٽ ۾ ايگزيڪيوٽر انجنيئر سردار علي جتوئي، اسرار احمد رند ۽ ظفر علي کي جعلي ادائيگين ۾ ملوث ڄاڻائي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.