فريدآباد (ن پ ا) فريد آباد ۾ بااثرڌر پاران 250 مڻ جوئر ۽ گوار کڻي وڃڻ خلاف ڳوٺاڻي احتجاج ڪيو آهي. ڳوٺ علي گوھر چانڊيو واسي پورھيت مزن چانڊيو، نظير حسين چانڊيو، شبير چانڊيو،برڪت چانڊيو ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ديھ ٻوري ۾ بااثر رفيق جيسر، رکيل جيسر 34 جريب ڪاڇي جي زرعي زمين مان جوئر ۽ گوار 250 مڻ کڻي ويو آهي، ان بابت علائقي جي چگن مڙسن کي به دانھون ڏنيون آهن پر جوئر ۽ گوار واپس ڏيڻ لاء تيار ناھي ھن چيو ته بااثر رفيق جيسر تي ماڏو ٿاڻو ۽ ڪي اين شاھ ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن. مان پورھيت آھيان ٻئي مٿاجوئر ۽ گوار کڻي ھليو ويو آهي جيڪو حساب ڪتاب ڏيڻ لاء تيار ناھي. ھنن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي ڪي اين شاھ کان گھر ڪئي ته جوابدار رفيق جيسر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.