ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھنگ ڪاتيار ۾ 15 ورهين جي نوجوان عباس علي پُٽ نورمحمد ڪاتيار مبينا گهر اندر لڳل ڪاٺ ۾ اڳٺ ٻڌي ڦاھو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، اطلاع تي بلڙي شاھ ڪريم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نوجوان جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ٽنڊومحمدخان پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، فوتي جي وارثن موجب نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو.