چڪ رستم ڀرسان مبينا مقابلي ۾ پوليس هڪ ڄڻي کي ماري ڇڏيو

0
236

چڪ رستم(ن پ ا) چڪ رستم ڀرسان مبينا مقابلي ۾ پوليس هڪ ڄڻي کي ماري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ سکر واسي مبينا ڏوهاري مارجي ويو ۽ سندس 2 هٿياربند فرار ٿي ويا، مارجي ويل مٿان پنج ڪيس داخل ٿيل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان رستم ٿاڻي جي حد شاھ علي پير وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ سکر جي تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نچڻپور واسي نوجوان معشوق علي پٽ رضا محمد شيخ مارجي ويو، جڏھن ته سندس 2 ساٿي هٿياربند پوليس کان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، مارجي ويل مبينا ڏوهاري جو لاش هٿ ڪري خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب مارجي ويل مبينا ڏوهاري مٿان سکر شڪارپور ضلعي ۾ پنج کان مٿي ڪيس داخل آھن، مارجي ويل وٽان هڪ ڪلاشنڪوف پڻ هٿ ڪئي وئي آھي.