تنگواڻي ڀرسان معصوم نينگري تلاءُ ۾ ڪري فوت

0
182

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ پير هيبت شهيد درگاهه ۾ معصوم نينگري 5 ورهين جي شائستا ڌيءُ عبدالنبي ڏاهاڻي گهر اڳيان تلاءُ ۾ راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب ڪري ٻڏي وئي، وارثن جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي نينگري جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.