چڙيا گهر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان بيمارين سان جهيڙيندڙ نورجهان هاٿيءَ جو دم پرواز ڪري ويو

0
279

ڪراچي:ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان بيمارين سان جهيڙيندڙ نورجهان هاٿيءَ جو دم پرواز ڪري ويو، نورجهان جي علاج لاءِ فورپاز جي پرڏيهي ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون هيون

 اڳوڻي صدر آصف زرداري، گورنر ڪامران ٽسوري ۽ ٻين پاران نورجهان هاٿيءَ کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر هوءَ نه بچي سگهي

 اڄ نورجهان جي موت کان ڪجهه گهڙيون اڳ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سيد سيف الرحمان چڙيا گهر جو دورو ڪري نورجهان جي طبيعت معلوم ڪئي

 گورنر ڪامران ٽسوري سميت ٻين جو چوڻ هو ته نورجهان هاٿيءَ جي طبيعت چڙيا گهر انتظاميا جي بي ڌياني سبب خراب ٿي