ڪيٽي بندر ويجهو عيد نماز بعد ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 زخمي

0
303
ڪيٽي بندر ويجهو عيد نماز بعد
ڪيٽي بندر ويجهو عيد نماز بعد

ٺٽي جي ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ويجهو عيد نماز بعد سيد برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺين، ڇرين ۽ ڪهاڙين جو استعمال، هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 ٺاري واري جي علائقي ۾ ٿيل جهيڙي جي زخمين کي ٻگهاڻ اسپتال پهچايو ويو، واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي

 پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، عيد ڏينهن ڌرين ۾ جهيڙي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿي ويو، نوجوان جي قتل بعد عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون

هي به پڙهندا

ڪچي ۾ پوليس پڪٽ تي حملو: 5 اهلڪار يرغمال