ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪالهه ڪراچي جي چڙيا گهر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته چڙيا گهر ۾ ناياب جانور بک وگهي مري رهيا آهن، مرتضيٰ وهاب جي ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽرٿيڻ کانپوءِ ڪابه خوشي جي خبرناهي آئي، هڪ ناياب شينهن جو موت بک وگهي ٿيو آهي، رولو ڪتا مارڻ بدران نااهل ايڊمنسٽريٽر ناياب شينهن کي بکون ڏئي ماري ڇڏيو. هن چيو ته ڪراچي جي تاريخي چڙيا گهر جي پرگهور به اسين لهندا سين،