اڪري ڀرسان ٻن ڏينهن اندر ارڙي وگهي 2 ٻارڙا فوت

0
285
اڪري ڀرسان ٻن ڏينهن

اڪري چودڳي (رپورٽر) اڪري ڀرسان ڳوٺ سومر هاليپوٽي ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، ارڙي وگهي 2ڏينهن  اڳ 3ورهين جو ٻالڪ بادشاھه اڄ ٻن ورهين جو پاشا پٽ نارومل فوت ٿي ويو، واضح رهي ته ڳوٺ حاجي سومر هاليپوٽو ۾ مارواڙي برادري جي هڪ ئي خاندان جا 15کان وڌيڪ ٻار ارڙي ۾ مبتلا آهن

 گذريل ڏينهن ٽي ايڇ او فيض گنج ڊاڪٽر نظر راڄپر ارڙي ۾ مبتلا ٻارن جي رت جو نمونا وٺي اسلام آباد ليبارٽري موڪليا هئا، ٻن معصوم ٻالڪن جي فوت ٿيڻ بعد اڄ ڊويزن آفيسر ڊاڪٽر حسين عمراڻي، ڪرم عباس سولنگي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر خيرپور پي پي ايڇ آء ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ پهچي ارڙي ۾ مبتلا ٻارن جو معائنو ڪري تفصيل ورتا