چنيوٽ: جهنگ جو اسسٽنٽ ڪمشنر سئوٽن هٿان قتل

0
312

چنيوٽ: جهنگ جي اسسٽنٽ ڪمشنر عمران جعفر کي سندس مائٽن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ترجمان ڊي پي او چنيوٽ جو چوڻ آهي ته عمران جعفر پنهنجي اباڻي ڳوٺ بڙا لنگرانه ۾ پنهنجي گهر آيل هو، عمران جعفر جو سندس سئوٽن جهيڙو ٿيو هو

ترجمان جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر عمران جعفر کي سندس سئوٽن ئي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، متول جو لاش تحويل ۾ وٺي ٽي ايڇ ڪيو ڀنڀرو منتقل ڪيو ويو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

ٻئي طرف آءِ جي پنجاب پوليس اسسٽنٽ ڪمشنر جهنگ عمران جعفر جي قتل جو نوٽيس وٺندي آر پي او فيصل آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، آءِ جي پنجاب ڊي پي او چنيوٽ کي هدايت ڪئي ته واقعي واري هنڌ پهچي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي