ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي موهن جو دڙو ۾ قومي ڪاڄ جي رنگن جي بهار

0
298
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار

موهن جو دڙو(ن پ ا) پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گروپ جي سڏ تي اڄ 5 ڊسمبر سڄي سنڌ سميت قديم ماڳ موهن جو دڙو تي به ايڪتا ڏهاڙو سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو جي سري هيٺ ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سنڌو تهذيب جي عظيم ماڳ تي ثقافتي ريلين جي صورت ۾ هزارين جوڌا جوان ٽوپي اجرڪ پائي پهچي ويا، قومي گيتن ته رقص ڪري، جهمريون هڻي سنڌ امڙ جي شان ۾ اڀ ڏاريندڙ نارن جي گونج سان سنڌو تهذيب ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي

لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جڪيب آباد، دادو، خيرپور ۽ سکر سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان موٽر سائيڪلن، ڪارن، ويگنن، بسن، سوزڪين ۾ هزارين سنڌي ماڻهو ماڳ تي پهتا، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو کان موهن جو دڙو تائين ٻه ڪلو ميٽر ۾ گاڏيون قطارن ۾ بيهجي ويون

ماڳ جون اسٽوپا، گريٿ باٿ، ڊي ڪي ايرياز سميت ڪجهه سائيٽيون قديم آثارن جي لتاڙ جي خدشي سبب بند آهن، پوليس ۽ عملدارن جي مدد سان انتظام سخت ڪيا ويا جڏهن ته تفريح لاءِ آيل سياح صرف ميوزم جهولن ۽ پارڪن لطف اندوز ٿيڻ لڳا

مقامي ڪاريگرن پاران چيڪي مٽيءَ مان هٿ سان ٺاهيل ثقافتي شيون جنهن ۾ ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جي مجسمن سميت ثقافتي شين ۽ موهن جو دڙو جي نسبت سان ڇپيل ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن

ان موقعي جي سياحن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ناليواري صحافي ۽ تجزيه نگار علي قاضي سنڌ جي ثقافت ۾ روح ڦوڪي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي، جنهن کي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران بهتر نموني سان اجاگر ڪرڻ تي جس لهڻي، اڄ اسان سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو جي سري هيٺ هتي پهچي پنهنجي قومي ورثي تي ايڪتا ڏهاڙو پنهنجي فيمليز سان گڏ عيد جيان ملهائي رهيا آهيون جنهن تي اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي

هوڏانهن سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي هزارن جي تعداد ۾ ٻارڙا، عورتون توڙي مرد اجرڪ سان ٺيهل ۽ قومي لباس پهريل پهچي ويا جيڪي اڄوڪي ايڪتا ڏهاڙي کي قومي عيد ڪري ملهائي رهيا آهن

جڏهن ته موهن جو دڙو انتظاميا جو چوڻ آهي ته ائيرپورٽ پوليس ۽ ماڳ جي ملازمن جي مدد سان قديم آثارن کي انساني لتاڙ کان بچائڻ لاءِ سخت نگراني ڪري رهيا آهيون ۽  ماڳ جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ وستي واھڻ ۾ سنڌي ثقافت جا انڊلٺي رنگ جرڪي پيا