چانڊڪا جي شاگردياڻي نمرتا ۽ نوشين بابت ڊي اين اي رپورٽ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا

0
500

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) چانڊڪا جي شاگردياڻي نمرتا ۽ نوشين بابت ڊي اين اي رپورٽ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن، ڄامشورو ليبارٽري جي انتظاميا جي سفارش کي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود سي ايم سي انتظاميا مرد عملي جا سيمپلز نه اُماڻيا

 ذريعن جو چوڻ آهي ته نوشين جي ڊي اين اي بابت ڇرڪائيندڙ رپورٽ 15 ڏينهن اڳ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڏانهن اُماڻي وئي هئي، نمرتا سان زيادتي جي الزام هيٺ آيل ٻن شاگردن جا ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ کانپوءِ به پوليس توڙي سي ايم سي انتظاميا کان مرد عملي جا سيمپلز گهريا ويا هئا، پوليس ۽ سي ايم سي انتظاميا مرد عملي جا سيمپلز نه اُماڻي سنگين غفلت جو مظاهرو ڪيو

چانڊڪا جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين جي واقعن ۾ حيران ڪندڙ هڪجهڙائي

چانڊڪا جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين جي واقعن ۾ حيران ڪندڙ هڪجهڙائي آھي، هاسٽل جي روم نمبر 2 ۾ رهندڙ شاگردياڻي نمرتا 16 سيپٽمبر 2019ع تي مبينا طور آپگهات ڪيو هو

 ٻن ڪلوميٽرز جي فاصلي تي واقع روم نمبر 4۾ 24 نومبر 2021ع تي نوشين شاهه جو پکي سان ٽنگيل لاش هٿ آيو، نمرتا ۽ نوشين جي آپگهات جو طريقو ساڳيو هو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ نمرتا سان زيادتي جي تصديق ٿي هئي، نوشين جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق نه ڪئي وئي هئي

ھي به پڙھندا

نوشين ۽ نمرتا جي ڪپڙن مان مليل جزا هڪ ئي مرد جا ھئڻ جو انڪشاف