سجاول جوڻيجو: 3ڏينهن اڳ هاف فراءِ ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

0
180
سجاول جوڻيجو: 3ڏينهن اڳ

سجاول جوڻيجو (رپورٽر) سجاول جوڻيجو ڀرسان مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ڳوٺ محمد آچر ڏاوڇ واسي امام بخش ڏاوڇ کي 3ڏينھن اڳ سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذوالفقار جتوئي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، امام بخش ڏاوڇ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ايمرجنسي اسپتال ۾داخل ھو جنهن اڄ فم ڏئي ڇڏيو

ذريعن موجب 3ڏينهن اڳ امام بخش ڏاوڇ کي دوست جي معرفت سجاول جوڻيجو پوليس وٽ پيش ٿيو ھو، ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو جڙتو ڪوڙو مقابلو ڏيکاري کيس ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو هو

امام بخش ڏاوڇ جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي پوليس تي قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، ذريعن وٽا معلوم ٿيو آهي ته امام بخش ڏاوچ سميت چئن ڄڻن گڊو چانڊيو، عني جتوئي ۽ خدو جت تي مقابلي جو ڪيس داخل ٿيل هو

گڊو چانڊيو ۽ عبدالغني جتوئي به گرفتار آهن پر پوليس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي آهي، ذريعن موجب سجاول جوڻيجو پوليس رات دير سان گرفتار گڊو چانڊيو کي به ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

فيض گنج: 2شاگرد گرفتار، وارثن جو ڌرڻو، سول جج جو ٿاڻي تي ڇاپو