نوشين ۽ نمرتا جي ڪپڙن مان مليل جزا هڪ ئي مرد جا ھئڻ جو انڪشاف

0
407

ڪراچي/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي جي يونيورسٽي ۾ ڦاهو لڳل حالت ۾ مليل شاگردياڻين  نوشين ڪاظمي ۽ نمرتا ڪماري جَي ڪپڙن مان مليل جزن سان هڪ ئي مرد جا جزا ميچ ٿي ويا آهن

شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي ڊي اين اَي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن

لمس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي ڪپڙن مان جنهن مرد جا جزا مليا آهن، اُهي اُن ساڳئي مرد جا جزا آهن، جيڪي نمرتا ڪماري جَي ڪپڙن مان مليا هئا

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جَي گرلز هاسٽل ۾ ايندڙ ويندڙ مردن جا جزا وٺي اماڻيا وڃن ته جيئن ڊي اين اَي ذريعي اُن شخص جي سڃاڻپ ڪري سگهجي

نوشين ڪاظمي ۽ نمرتا ڪماري جا لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي هاسٽل رومز مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيا هئا

چانڊڪا انتظاميه نوشين واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ خط لکي ڇڏيو

چانڊڪا انتظاميه نوشين واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ خط لکي ڇڏيو