لنڊن (م ڊ) برطانيا جي بادشاهه چارلس کي تاريخي ڪنگ ايڊورڊ تاج پهرايو ويو. برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ سندس زال راڻي ڪنسورٽ ڪميلا جي تاج پوشي جي تقريب ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي. برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ سندس گهرواري راڻي ڪميلا کي تاريخي ڪِنگ ايڊورڊ تاج پارايو ويو، ويسٽ منسٽر ايبي ۾ تاجپوشي جي پُروقار تقريب دوران تاج پائڻ کانپوءِ چارلس برطانيا جو چاليهون بادشاهه بڻجي ويو، 70 سالن بعد نئين بادشاهه جي تاجپوشي دوران برطانيا جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ بِگل وڄائي توپن جي سلامي ڏني وئي. ڪينٽربري جي آرچ بشپ جسٽن ويلبي بادشاهه چارلس کي تاريخي تاج پارايو، ۽ خطاب ڪندي چيو ته هتي هرڪو بادشاهه کي تاج پارائڻ لاءِ ڪٺو ٿيو آهي ته جيئن هو خدمت ڪري سگهي. جنهن بعد بادشاهه چارلس ڪنگ ايڊورڊ جو تاج پائيندڙ ستين شاهي سربراهه جو اعزاز ماڻيو، پريڊ ۾ 40 هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪارن حصو ورتو، پاڪ فوج جي 10 رڪني دستي به تقريب ۾ پنهنجا روايتي فرض انجام ڏنا. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت 56 ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، تاج پوشي تقريب ۾ 2 هزار 300 مهمانن کي مدعو ڪيو ويو هو. بادشاهه چارلس جي حلف برداري ۾ آرچ بشپ آف ڪينٽر بري حلف ورتو جنهن کانپوءِ بادشاهه چارلس حلف نامي تي صحيح ڪئي. راڻي ڪاميلا کي به تاج پارايو ويو کيس شاهي لٺ به ڏني وئي. شهزادي وليم پنهنجي پيءُ چارلس جو هٿ چمي سندس پوئلڳي جو اعلان ڪيو. هن کيس شاهي ڪپڙو به پيش ڪيو بعد ۾ کيس به ولي عهد جو حلف کڻايو ويو. شاهه کي شاهي زيور ۽ ٻيون شيون به ڏنيون ويون. ان موقعي تي وليعهد شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن، ويلز جو شهزادو جارج، شهزادي چارلٽ، شهزادو لوئس، شهزادي اين، شهزادو ايڊورڊ، راڻي ڪاميلا جا پوٽا ۽ ڏوهٽا ۽ سندن خاندان جا ٻيا ڀاتي به موجود هئا. تاجپوشي بعد شاهي خاندان محل جي بالڪوني ۾ بيهي هوائي مارچ پاسٽ جو معائنو ڪيو ۽ ماڻهن جي نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏنا. هنن محل ۾ فوجي سلامي جو معائنو به ڪيو. تاجپوشي جي موقعي تي سڄي برطانيا ۾ جشن ملهايو پيو وڃي جيڪو اڄ ٻئي ڏينهن به جاري رهندو. هزارين ماڻهن ونسر محل ۾ گهڙي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ لنڊن جي مختلف جاين هائيڊ پارڪ، برج ۽ ٻين جاين تي هزارين ماڻهو موجود هئا جن تاجپوشي جي لائيو تقريب ڏٺي ۽ هوائي مارچ پاسٽ به ڏٺو. هنن ان موقعي تي خوشي ۾ هوڪريا ڪيا ۽ نعرا هنيا. شاهه چارلس برطانيا سان گڏ دنيا جي ڪامن ويلٿ تنظيم جي 56 ملڪن جو به حڪمران هوندو جن مان پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا جهڙا ملڪ اثر مان نڪري ويا آهن جڏهن ته آسٽريليا، ڪيناڊا، نيوزيلينڊ، پاپوا نيو گني، سولون ٻيٽ ۽ توالو برطانيا جي علامتي حڪمراني ۾ رهندا.