لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين، سڀاڻي کان 14 مئي تائين جلسا ڪندس. چيف جسٽس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ جي ريلي زمان پارڪ کان شروع ٿي ۽ لڪشمي چوڪ ميٽرو اسٽيشن تي عمران خان پنهنجي گاڏي جي اندران ئي خطاب ڪيو. هن چيو ته اسان تي قاتلاڻي حملا ٿيا، ڪنهن کي پرواهه ناهي، قوم جو نقصان ٿي رهيو آهي، انهن کي پرواهه ناهي، قانون جي حڪمراني لاءِ سڀ ماڻهو نڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو آئين موجب اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، ان تي سمورا جج ۽ وڪيل متفق آهن، وفاق، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن گڏجي چونڊون نٿا ٿيڻ ڏين، جيستائين چونڊون نه ٿيون ٿين سک سان نه ويهنداسين. عمران خان موجب اسان کي چيف جسٽس ڳالهين جو چيو، اسان ڳالهيون ڪيون، انهن هر قسم جو بهانو ڪيو، چيو ويو پئسو ناهي، انهن جي رڳو هڪ ئي ڪوشش آهي ته چونڊون نه ٿين. تحريڪ انصاف چيو ته اسان رڳو چونڊون چاهيون ٿا، مان چوڻ چاهيان ٿو ته سڄي قوم چيف جسٽس سان گڏ آهي، 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين. عمران خان چيو ته سڄي دُنيا ۾ پاڪستان جي تذليل ٿي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ويو ته ڀارتي پرڏيهي وزير پاڪستان جي تذليل ڪئي هن چيو ته اسان جو آئين چوي ٿو الله جي حڪمراني کانپوءِ عوام جي حڪمراني آهي هن وقت ملڪ مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جڏهن کان امپورٽڊ ڪرپٽ حڪومت آئي آهي ملڪ جو پيسو اڌ رهجي ويو آهي. هن ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ زمان پارڪ روانو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ريلي ختم ٿي وئي.