لنڊن: بادشاهه چارلس جي تاجپوشي خلاف بادشاهت جي مخالفن احتجاج پڻ ڪيو. برطانيا جي ريپبلڪن گروپ ۽ ٻين بادشاهت مخالف گراهم اسمٿ ۽ ٻين کي گرفتار به ڪيو ويو. برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاجپوشي جي موقعي تي پوليس وڳوڙ ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائيندي 4 شڪي گرفتار ڪري ورتا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا جي پوليس جو چوڻ آهي ته چارلس جي تاجپوشي جي موقعي تي ڪجهه ماڻهن وڳوڙ ڪرڻ ۽ عوام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو اطلاع ملڻ تي 4 شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.