”چئن ڏينهن کان ماني ناهي ملي“: قيدي جو احتجاج

0
409

موهن جو دڙو: (ن پ ا) ڏوڪريءَ جي جوڊيشل جيل جي قيديءَ کي گذريل 4 ڏينهن کان ماني نه ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مختيارڪار آفيس ڀرسان قائم جوڊيشل جيل ۾ ٽن سالن کان جيل ڪاٽيندڙ قيديءَ پاران گذريل 4 ڏينهن کان ماني نه ملڻ جون دانهون ڪيون. صحافين جي پڇڻ تي قيدي ولي محمد جوڻيجو ٻڌايو ته هو ٽن ورهين کان جوڊيشل جيل ۾ بند آهي پر سندس ڪنهن به قسم جي پرگهور نه ٿي لڌي وڃي. صحافين کي قيديءَ وڌيڪ ٻڌايو ته کيس گذريل 4 ڏينهن کان ماني نه ڏني وئي آهي جڏهن ته دانهون ڪرڻ تي گذريل رات يارهين وڳي شهرين پاران ماني پهچائي وئي. هن جو چوڻ هو ته هو جيل ۾ اڪيلو قيدي واڙيل آهي پر ماني پهچائيندڙ ٺيڪيدار کيس ويلي تي ماني نه پهچائيندو آهي جڏهن ته کيس عيد جي ڏينهن به ماني نه ڏني وئي. ٻئي طرف صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي جيل جي ٺيڪيدار فقير محمد سومرو ڪئميرا تي اچڻ کان انڪار ڪيو ۽ فون تي ڪوبه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو.