حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي، 10 ڪلاڪن کان بجلي بند

0
218

حيدرآباد: ڪوهسار گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب 10 ڪلاڪن کان ڪيترن علائقن کي بجلي جي فراهمي بند پيل آهي. ايئرپورٽ روڊ, ڪوهسار روڊ فيز ون, فيز ٽو, دامن ڪوهسار, اماني شاه ڪالوني, يونٽ نمبر ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بند هئڻ سبب شهري پريشان آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته حيسڪو عملو آفيسن ۾ موجود نه آهي شڪايتي مرڪز جو فون اٽينڊ نه ٿو ٿئي ان ڪري بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي.