ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد شهر ۾ قائم ڪاٽن فيڪٽرين جي آزار خلاف شهرين هدايت الله کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر ۾ ڪاٽن فيڪٽريون وڏي عرصي کان بنا فلٽر جي هلي رهيون آهن، جنهن سبب مختلف بيماريون ڦهلجي ويون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪاٽن فيڪٽرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.