مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند لڳ نوابشاھ شهدادپور روڊ تي درگاھ ھاشم شاھ وٽ تبليغي جماعت جي وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور غلام رباني زخمي ٿي پيو، جنھن کي سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو ويو.