ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد شهر ۾ چلهه مان چڻنگ اٿلڻ سبب مهر برادري جي 4 گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، باهه سبب پورهيتن مصطفيٰ مهر، دودومهر ۽ حاجي مهر سميت 4 پورهيتن جا گهر سڙي ويا، جڏهن ته پورهيتن جي گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، اناج ۽ ٻيو سمورو سامان پڻ خاڪ ٿي ويو، متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.