ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان چوٽياريون ڊيم اندر ڳوٺ ناٿو خان ملاح ۾ پکين جي شڪار دوران اتفاقي طور بندوق ڇٽڻ سبب 12 ورھين جو نينگر محڪم الدين ملاح ٿڏي تي فوت ٿي ويو، وارثن موجب نينگر پنهنجي ڏاڏي مھر علي ملاح سان گڏجي پکين جي شڪار تي ويو ھو، جتي سندس ڏاڏي جي بندوق اتفاقي طور ڇٽي وئي، جنهن ڪري اھڙو واقعو پيش آيو، نينگر کي سڀ ڇريا ڇاتي ۾ لڳا، جنهن ڪري ھو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي منگلي پوليس پهچي نينگر جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال سانگهڙ پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش کي سندس پيءُ حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪندي فوت ٿي ويل نينگر جي ڏاڏي مھر علي ملاح، کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته ڪو فريادي ٿاڻي تي ناهي آيو، ان ڪري سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪنداسين.